جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر

جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر

جنجهي يارمحمد ڊاڪٽر

جنجهي، يارمحمد، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر يار محمد جنجهي، ميرپورخاص جو مشهور ڊاڪٽر ۽ سماجي خدمتگار ٿي گذريو آهي. سندس جنم ڳوٺ واحد ڏني جنجهي نزد ميرپور پراڻيءَ ۾ حاجي محمد صديق جي گهر، 3 ڊسمبر 1946ع تي ٿيو. اڃا هڪ سال جو هو ته سندس والد گذاري ويو ۽ کيس وڏي ڀاءُ محمد يوسف پاليو ۽ پڙهايو. مڊل اسڪول تائين تعليم ميرپور پراڻيءَ ۾ حاصل ڪرڻ کان پوءِ پبلڪ اسڪول اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿيو ۽ امتيازي نمبرن سان انٽر جو امتحان پاس ڪري، 1965 ۾ ميڊيڪل جي تعليم پرائڻ لاءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري ۾ داخل ٿيو ۽ 1970ع ۾ امتيازي نمبرن سان ايم. بي. بي. ايس جو امتحان پاس ڪري، 1971ع ۾ نوڪريءَ ۾ داخل ٿيو. سندس پهرين مقرري ڪنريءَ ۾ ٿي. پر سندس ڀاءُ محمد يوسف جي گذاري وڃڻ سبب نوڪريءَ کي خدا حافظ چئي ميرپورخاص آيو ۽ ميونسپالٽيءَ ۾ سروس ڪرڻ سان گڏ زمينداري ۽ راڄداري سنڀالڻ لڳو. 1974ع ۾ اها نوڪري به ڇڏي، ڪل وقتي خانگي پريڪٽس ڪرڻ ۽ زمينداريءَ کي سنڀالڻ لڳو. سندس سياسي وابستگي پاڪستان پيپلز پارٽي سان ۽ روحاني رشتو مخدوم سرور نوح جي خاندان سان رهيو. سياسي سفر ۾ ايم. آر. ڊيءَ دوران جيل به ويو. شڪار ۽ فوٽوگرافيءَ جو شوقين هوندو هو. سماجي خدمت کي عبادت سمجهندو هو، ان ڪري ميرپورخاص جي هر سماجي تنظيم سان گڏجي هن عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيا. هن روٽري ڪلب، سنڌ ايجوڪيشن سوسائٽي، جنجهي برادرس ائسوسيئيشن، سنڌ سمال انڊسٽريز ميرپورخاص، چيمبر آف ايگريڪلچر ميرپورخاص، پاڪستان ميڊيڪل ائسوسيئيشن ميرپورخاص جي صدر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. سروري تنظيم ۾ هيلٿ سيڪريٽري طور خدمتون سرانجام ڏنائين. ميرپورخاص جو هي هر دلعزيز فرد، ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾، 2009ع ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. اڄ به ميرپورخاص جا شهري، هن انساني همدرد کي ياد ڪن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1946.12.03  عيسوي

ڊاڪٽر يار محمد جنجهي جو جنم ڳوٺ واحد ڏني جنجهي نزد ميرپور پراڻيءَ ۾ حاجي محمد صديق جي گهر ، 3 ڊسمبر 1946ع تي ٿيو .


2009.00.00  عيسوي

ڊاڪٽر يار محمد ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ ، 2009ع ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پنڊت شاناڪ سارنگ سنڌي
جعفر بن يحيٰ بن خالد ابن برمڪي
ابڙو احمد خان شيدا
سيد حفيظ الدين
حسن ناصر
ثانيه مرزا
سبرين هيسباڻي
سرائي محمد صالح خان
ابڙو طارق عالم
دليپ ڪمار ڪوهستاني
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون